شاهه عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول ڀٽ شاهه

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڀٽ شاهه تي شاهه جي راڳ جي سکيا لاءِ، 7 جولاءِ 2005ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو افتتاح ان وقت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير شبير احمد قائمخانيءَ ڪيو هو.
هن وقت تائين اهو اسڪول هڪ ڪمري تي مشتمل آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه جي ڏکڻ طرف، ڪراڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي، جنهن جي اتر اولهه ۾ ريسٽ هائوس ۽ ڏکڻ اولهه ۾ موسيقارن جي هاسٽل آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳين جي اڳواڻ، فقير جمن شاهه، 1995ع کان پنهنجو هڪ خانگي اسڪول کوليو، جنهن ۾ بنا ڪنهن اجوري وٺڻ جي، لڳ ڀڳ پندرهن کان ويهن شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏنائين. پوءِ انهيءَ ئي اسڪول کي 2005ع ۾، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ماتحت ڪيو ويو ۽ 2007ع ۾، اسڪول لاءِ ٻه استاد مقرر ٿيا، جن ۾ هڪڙو فقير جمن شاهه آهي، جيڪو هن وقت سرپرست پڻ آهي. اسڪول قائم ٿيڻ وقت 15 جي لڳ ڀڳ شاگرد هئا. شاگردن جو انگ وڌندو رهي ٿو. هن وقت پنجاهه شاگرد آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکن ٿا.
انهيءَ اسڪول ۾ هفتي جا پنج ڏينهن ڪلاس هلن ٿا ۽ هر ڏينهن ۾ ٻه شفٽون ٿينديون آهن. پهرين صبح جو 9 وڳي کان هڪ وڳي تائين ۽ ٻي شفٽ شام جو پنجين وڳي کان رات جو اٺين وڳي تائين، ڪورس جو ڪل مدو ٻه سال آهي ۽ هر ڇهين مهيني امتحان ٿيندو آهي. امتحان دوران ٻه دنبورا، ٻن استادن کي ڏبا آهن ۽ ٻه شاگردن کي. ٻنهي ڌرين جي اڳيان راڳي ۽ امتحان وٺندڙ ويهندا آهن، جيڪي حقيقت ۾ جج هوندا آهن. انهن جي ٻڌڻ سان گڏوگڏ رڪارڊنگ به ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي جج پاس ۽ ناپاس شاگردن جو فيصلو ڏيندا آهن ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن مان پهريون نمبر، ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر کڻندڙ شاگردن جو فيصلو پڻ ڏيندا آهن.
سکيا جو مدو پورو ٿيڻ ۽ ڪامياب شاگردن کي اسڪول پاران سرڪاري طور سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو